جيجي (ڪتاب)

جيجي (ڪتاب)

جيجي ڪتاب

جيجي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب ۽ ڪمپيئر نصير مرزا، سنڌ جي لوڪ فنڪاره، شاعره، افسانه نگار، ڪهاڻيڪار، قومي ڪارڪن، استاد ۽ جاکوڙي ڪردار جيجي زرينه بلوچ جي فن ۽ شخصيت تي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهن ۾ ٻه مهاڳ شامل آهن. ڪتاب ۾ جيجي زرينه جا مختلف وقتن تي اخبارن ۽ رسالن کي ڏنل انٽرويو، آتم ڪٿا ۽ زرينه بلوچ جي لکيل جڳ مشهـور ڪهـاڻي ’جيجـي‘ به شامل آهن. ان کان سواءِ جيجي زرينه جي ڪهاڻين جي مجموعي ’تنهنجي ڳولا، تنهنجون ڳالهيون‘ خير النساءِ جعفريءَ جو لکيل مهاڳ، سندس تفصيلي پروفائل ۽ ماهر اديب ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر قمر واحد، امداد حسيني، ريٽا شهاڻي، عطيه دائود، تنوير جوڻيجي، اياز لطيف پليجي سميت سنڌ ۽ هند جي انيڪ اديبن جا تاثر ۽ مضمون، رشيد ڀٽي، سسئي پليجو، حسن مجتبيٰ، امر سنڌو ۽ نصير مرزا سميت ڪيترن اديبن جا ليک به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ جيجي زرينه بلوچ جي سموري زندگيءَ ۾ ڳايل گيتن جي تفصيل سان گڏ بيماري ۽ سندس وفات کان پوءِ مختلف اخبارن، رسالن جا ايڊيٽوريل، تعزيتي خط ۽ خبرن جا سرا به شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ۾ جيجي زرينه جي تصويرن جو البم به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ گهر ڀاتين سان گڏ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جي دورن ۽ پروگرامن جون تصويرون شامل آهن. ڪتاب ۾ جيجيءَ بابت انگريزي ۽ اردو ۾ به مواد ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي ارپنا سندس لائق نياڻي اختر بلوچ جي نالي ڪئي وئي آهي. پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اردو سيڪشن جا 569 صفحا ۽ انگريزي سيڪشن جا 37 صفحا شامل آهن. ڪتاب جا مهاڳ، محمد ابراهيم جويي ۽ حميد سنڌيءَ لکيا آهن. هيءُ ڪتاب ڪويتا پبلڪيشن، حيدرآباد طرفان 2006ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو